سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بلڊنگ جو ڏيک

سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بلڊنگ جو ڏيک

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جي مهورت جي تقريب ڪراچيءَ ۾ صوبائي وزير قائم علي شاه، تڏهوڪي وقتي گورنر نثار کهڙي ۽ صوبائي سياحت ۽ ثقافت

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جي مهورت جي تقريب ڪراچيءَ ۾ صوبائي وزير قائم علي شاه، تڏهوڪي وقتي گورنر نثار کهڙي ۽ صوبائي سياحت ۽ ثقافت

سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي عمارت

سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي عمارت

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرئين جلد جو ٽائيٽل

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرئين جلد جو ٽائيٽل

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سي ڊيءَ جو ٽائيٽل

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سي ڊيءَ جو ٽائيٽل

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 13جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن تہ جلد چوڏھون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو تہ 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي بہ مواد ۽ تصويرن وغيرہ جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فھميدہ حسين ، ڊاڪٽر رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ تہ 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي ويو. 2008ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر فھميدہ حسين، سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن مقرر ٿي آئي تہ هن ترجيحي بنيادن تي هن رٿا تي نئين سر ڪم شروع ڪيو. محترم بدر ابڙي ۽ محمد عثمان ميمڻ جي رهنمائيءَ ۾ نوجوان ريسرچرن ٻيهر ڪم شروع ڪيو ۽ صبح شام جي محنت سان انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جو پهريون جلد ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتو هن سموري تحقيقي ڪم جي نگراني ۽ ادارت ڊاڪٽر فھميدہ حسين ڪئي جڏهن تہ اداري جو سيڪريٽري تاج جويو پڻ سندس ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو. هن وقت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو نگران ۽ چيف ايڊيٽر سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جو چیئرمئن آهي. موجودہ ايڊيٽوريل بورڊ ۾ شامل مختلف عالمن ۽ ماهرن کان موضوعاتي لحاظ کان مواد جي نظرثاني پڻ ڪرائي ويندي آهي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرئين جلد جي مهورتي تقريب ڪراچيءَ ۾ صوبائي وزير قائم علي شاه، تڏهوڪي وقتي گورنر نثار کهڙي ۽ صوبائي سياحت ۽ ثقافت کاتي جي وزير محترمہ سسئي پليجو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي اڳوڻي چيئرپرسن ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي اڳوڻي نگران اعليٰ محترمہ ڊاڪٽر فھميدہ حسين ميمڻ ڪئي. هن وقت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد 14 تي ڪم ھلندڙ آھي.


لفظ انسائيڪلوپيڊيا سنڌياناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2009.08.00  عيسوي

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز’ انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ‘جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو


2010.12.04  عيسوي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جي مهورت جي تقريب ڪراچيءَ ۾ صوبائي وزير قائم علي شاه، تڏهوڪي وقتي گورنر نثار کهڙي ۽ صوبائي سياحت ۽ ثقافت کاتي جي وزير محترمه سسئي پليجو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي نگران اعلى محترمه ڊاڪٽر فهميده ميمڻ جي هٿان ڪيو ويو


1998.00.00  عيسوي

هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو



ادب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

توڏي
ترجيحي بند
سنڌي ادب ۾ تنقيدنگاري
تصنيف
ٽه سٽا
بڪاولي
ترڇل
ٻاروچو (ڳيچ)
سندباد سيلاني
ترقي پسند فڪر
ادب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون