مواد ڏانھن هلو

پيراگوئي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ريپبلڪ آف پيراگوئي

República del Paraguay (اسپيني)
Tetã Paraguái (Guarani)
Flag of پيراگوئي
{{{coat_alt}}}
Flag[nb 2] مھر جو نشان[nb 3]
شُعار: '"Paz y justicia" (اسپيني)
"امن ۽ انصاف"
ترانو: 
Paraguayos, República o Muerte (اسپيني)
Paraguayans, Republic or Death
مڪانيت  پيراگوئي  

  (dark green)نقشو ڏکڻ آمريڪا  

  (ڀورو رنگ)
مڪانيت  پيراگوئي     (dark green)

نقشو ڏکڻ آمريڪا     (ڀورو رنگ)

جو مقامپيراگوئي
گادي جو هنڌاسانشيون
25°16′S 57°40′W / 25.267°S 57.667°W / -25.267; -57.667
سڀ کان وڏو شهراسانشيون
دفتري ٻوليون
نسلي گروھ (2016[1])
مذهب (2017)
مقامي آباديپيراگوئين
گوئراني (محاورتن)[2]
حڪومتوحداني ھڪ پارٽي جي غلبي وارو نظام صدارتي ريپبلڪ
 صدر
ماريو ايبڊو بينٽيز
 نائب صدر
ھيوگو ويلازڪئيز مورينو
فرنئنڊو لوگو
مقننه پيراگوئي جي ڪانگريس
پيراگوئي جي سينيٽ
چيمبر آف ڊپٽيز
اسپين کان آزادي
 آزادي جو اعلان
14 مئي , 1811
 تسليم ڪيو ويو
25 نومبر , 1842
 گڏيل قومن کيس تسليم ڪيو
24 آڪٽوبر , 1945
پکيڙ
 جملي
406,752 چورس ڪلوميٽر (157,048 چورس ميل) (59th)
 پاڻي (%)
2.3
آبادي
 2018 اندازو
7,052,984[3] (104th)
  گھاٽائي
17.33/km2 (44.9/sq mi) (210th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد )2018 لڳ ڀڳ
 ڪل
$95.011 ارب ڊالر [3] (88th)
 في سيڪڙو
$13,471[3] (96th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ )2018 لڳ ڀڳ
 ڪل
$41.851 ارب ڊالر [3] (94th)
 في سيڪڙو
$5,933[3] (94th)
جِينِي (2017)Positive decrease 47.9[4]
اعلیٰ
ايڇ ڊي آء (2017)Increase 0.702[5]
اعلیٰ · 110th
ڪرنسيگوئراني (PYG)
معياري وقتPYT (متناسق عالمي وقت–4)
PYST (متناسق عالمي وقت –3)
ڊرائيونگ جو پاسوساڄو پاسو
ڊائلنگ ڪوڊ+595
انٽرنيٽ ڊومين.py
Image
بانڪو بلبائو وزڪايا ارجنٽيريا، پيراگوئي

پيراگوئي (Paraguay؛ /ˈpærəɡw/)، سرڪاري طور تي، "ريپبلڪ آف پيراگوئي"، ڏکڻ آمريڪا ۾ واقع ھي خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي. ان جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ-اولھه ۾ ارجنٽائن، اوڀر ۽ اتر۔اوڀر ۾ برازيل، اتر۔اولھه ۾ بوليويا آھن. ھن جي وچ مان پيراگوئي ندي وھي ٿي هن جي آبادي لڳ ڀڳ 61 لک آهي، جن مان لڳ ڀڳ 23 لک ماڻهو گادي واري هنڌ ۽ سڀ کان وڏي شهر، اسانشيون۽ ان جي ڀرپاسي جي ميٽرو ايريا ۾ رهن ٿا.

تاريخ

[سنواريو]

پيراگوئي 1811 ۾ اسپين کان آزادي حاصل ڪئي. ھن ملڪ 1865 کان 1870 تائين ارجنٽينا، برازيل ۽ يوراگوئي جي اتحاد سان جنگ دوران مردن جو 66 سيڪڙو جاني نقصان ۾ وڃايو ان سان گڏوگڏ ھن ملڪ کان ڪافي حصا بہ کسجي ويا. ان جنگ بعد اڌ صديءَ تائين ھن ملڪ جي معيشت تباھ حالي جو شڪار رھي.

Image
چاڪو واري جنگ (35-1932) جو خطو گرين چاڪو جنھن جو وڏو حصو بوليويا وڃايو ۽ يوراگوئي م شامل ٿي ويو

1932 کان 1935 تائين بوليويا سان چاڪو واري جنگ جي نتيجي ۾ چاڪو واري ھيٺاھين پٽن واري زمين جو وڏو حصو ھن ملڪ جي قبضي ۾ آيو. 1950واري ڏھاڪي دوران ھن ملڪ ۾ فوجي ڊڪٽيٽر الفريڊو اسٽروئيسنر اقتدار تي قبضو ڪيو ۽ 35 سالن بعد 1989 ۾ سندس اقتدار جو خاتمو ٿيو جنھن بعد ھن ملڪ ۾ صدارتي اليڪشن سان جمھوريت جو آغاز ٿيو[6].

جاگرافي

[سنواريو]
Image
پيراگوئي جو ڪوپن(انگريزي: Köppen) وارو نقشو
Image
پيراگوئي ۾ گرين چاڪو جو زميني منظر

ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 23 00 S, 58 00 W ڏکڻ آمريڪا کنڊ ۾ آهي. ملڪ جي پکيڙ 406,752 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 397,302 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 9450 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. پکيڙ جي لحاظ کان دنيا ۾ ھي ملڪ 61 نمبر تي آهي. ھن ملڪ جون خشڪي واريون سرحدون 4,655 ڪلوميٽر آھن جيڪي ٽن ملڪن سان ملن ٿيون. ارجنٽينا سان 2531 ڪلوميٽر، بوليويا سان 753 ڪلوميٽر ۽ برازيل سان 1371 ڪلوميٽر ملي ٿي. ھي خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي . ھتي جي زميني سرسبز چراگاھن سان ۽ ٻيلن سان ڀرپور آھي. ملڪ جي سراسري اوچائي 178 ميٽر آھي. سڀ کان اوچو مقام سيرو پيرو آهي جنھن جي بلندي 842 فٽ آهي. ملڪ جا قدرتي وسيلن ۾ ھائڊرو پاور، عمارتي ڪاٺ، ڪچو لوھ، ميگنيز ۽ لائيم اسٽون شامل آهن[6].

آبهوا

[سنواريو]

ھتان جي موسم سب ٽراپيڪل کان ٽيمپريٽ آهي. ملڪ جي اوڀرندي حصي ۾ تمام گھڻي برسات پوندي آھي پر الھندي پاسي برسات جي ڪمي جي ڪري خشڪسالي رھندي آھي.[6]

پيراگوئين ماڻهو

[سنواريو]

جولاءِ 2017 ۾ ھن ملڪ جي آبادي 6,943,739 ھئي ۽ دنيا ۾ ھن جو نمبر 104 ھيو.ماڻھن ۾ 95 سيڪڙو ماڻهو ميسٽيزو آھن جيڪي اسپيني ۽ آمريڪي انڊين ماڻھن جو گاڏڙ آھن. باقي نسلن جا ماڻهو رڳو 5 سيڪڙو آھن. ملڪ جون سرڪاري ٻوليون اسپيني ٻولي ۽ گوئراني ٻولي آھن. ماڻھن جو 89.6 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ مذھب سان تعلق رکندڙ آھن. 6.2 سيڪڙو ماڻهو پروٽيسٽنٽ مذھب سان تعلق رکندڙ آھي[6]،

زراعت

[سنواريو]

ملڪ جي زرعي زمين 53.8 سيڪڙو آهي جنھن مان 10.8 پوکي لائق ۽ 0.2 سيڪڙو تي مستقل پوکي ٿيندي آهي. زرعي زمين جو 42.8 سيڪڙو مستقل چراگاھون ۽ 43.8 سيڪڙو ٻيلا آھن. ملڪ جي آبپاشي واري زمين 2012 تائين 1362 چورس ڪلوميٽر ھئي[6].

نالو

[سنواريو]

ملڪ جو سڄو نالو ريپبلڪ آف پيراگوئي آهي. ملڪ جو نالو درياء پيراگوئي جي نالي تي رکيل آهي جيڪو ھن ملڪ ۾ وھي ٿو. ان جي معني آهي پيياگوئا(انگريزي: Payagua)جو پاڻي آھي. پيياگوئا اتان جو ھڪ مقامي قبيلي جو نالو آهي جيڪو ان درياءَ جي پاسي ۾ رھندو ھو[6].

سياسي نظام

[سنواريو]
  1. قومي مھر جو پٺيون پاسو:
    Image
  2. The reverse side of the Flag of Paraguay:
    Image
  3. قومي مھر جو پٺيون پاسو:
    Image
حوالي جي چڪ: "nb" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="nb"/> نہ مليو